نوشهروفيروز (رپورٽر) مرڪز ولايت علي پاڪستان سنڌ جي مرڪزي سڏ تي سيد علي رضا جاني شاهه تي سنڌ حڪومت پاران لڳايل پابندي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي رسول بخش شاهه، آصف امداد شاهه، عاطف رضا شاهه ۽ ٻين چيو ته اسان پرامن پاڪستاني آهيون ۽ ڪنهن به ٻاهرين ملڪ مان ملندڙ فنڊنگ جو حصو ناهيون ان جي باوجود سنڌ حڪومت بنا جواز اڳواڻ تي پابندي لڳائي، هنن مطالبو ڪيو ته لاڳو ڪيل پابندي هٽائي وڃي.