نور مقدم قتل ڪيس: جوابدار ظاهر جعفر جي والدين جون ضمانت بابت درخواستون رد

0
267
نور مقدم قتل ڪيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نور مقدم قتل ڪيس، جوابدار ظاهر جعفر جي والدين جون ضمانت بابت درخواستون رد ڪيون ويون، اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج درخواستن تي فيصلو گذريل ڏينهن محفوظ ڪيو هو، ظاھر جعفر جي والد ذاڪر جعفر ۽ والدا عصمت آدم اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪئي ھئي، جنھن ۾ موقف اختيار ڪيو ھو تھ ھو پنھنجي پٽ سان گڏ ناھن ۽ اسان کي خبر نھ ھئي تھ گھر ۾ اھڙو ڪو ڪم ٿي رھيو آھي، پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ ھو تھ جوابدار جي والدين سان ڳالھ ٿي رھي ھئي، پر پوليس کي آگاھ نھ ڪيو، ھنن پٽ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پراسيڪيوٽر چيو تھ ڪال، سي ڊي آر، ڊي وي آر، سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي سگھجن ٿا، بد ديانتي جي بنياد تي پٽ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان اسٽيج تي ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ گھرجي، اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج محمد سھيل جوابدار ظاھر جعفر جي والدين جي ضمانت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ٻڌايو ويو، عدالت مرڪزي جوابدار جي والدين جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.