اڳڙا: سوڀوديرو جي پريمي جوڙي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

0
455

اڳڙا (ن پ ا) تعلقي سوڀوديرو جي پريمي جوڙي گمبٽ ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، پريمي جوڙي پاران اعلي اختيارين کان تحفظ جي گهر، اڳڙا ڀرسان ڳوٺ قاضي ڀٽا جي رهواسي عاشق ملاح ۽ ريشما ملاح گمبٽ ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو، پريمي جوڙو پاران صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته پيار جي پرڻي جي ڪري وارث جان جا ويري بڻجي ويا آهن، ناري جو چوڻ آهي ته منھنجي شادي منھنجي مرضي کان بغير زبردستي ڪرائي رهيا هيا جيڪا ڳالهه مون کي پسند نه هئي. اڳ به منهنجي وارثن منهنجي شادي هڪ نشئي سان ڪرائي جنهن مان هڪ پُٽ جو اولاد آهي ۽ هن به مون کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، پنھنجي زندگي جو فيصلو پاڻ ڪندي ٽن ڪپڙن ۾ گهران نڪري پنهنجي پفاٽ عاشق ملاح سان شريعت محمدي موجب گمبٽ جي عدالت سڳوري ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي جنهن کان پوءِ منهنجا گهر ڀاتي جنهن ۾ منهنجو مامو طالب ملاح ۽ ٻيا اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن جن مان مون کي ۽ منهنجي مڙس کي جان جو خطرو آهي. هن چيو آهي ته منھنجا مائٽ مون کي۽ منھنجي مڙس کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن اسان ايس ايس پي خيرپور آئي جي سنڌ ۽ وس وارن اعلي اختيارن کي اپيل ٿا ڪيون تہ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سڪون جي زندگي گذاري سگهون.