بدين: گولاڙچي ڀرسان مڙس هٿان زال بيدردي سان قتل

0
330
مڙس هٿان زال بيدردي سان قتل

بدين(ن پ ا) گولاڙچي ڀرسان ڳوٺ يوسف منھي جت ۾ 42 سالا مسمات پروين ملاح کي سندس مڙس صديق ملاح ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته جوابدار ڪھاڙي سميت فرار ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال آندو جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.