اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم قتل ڪيس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٿراپي ورڪس اهو علم هجڻ باوجود ته نورمقدم جو قتل ٿي رهيو آهي پوليس کي اطلاع نه ڏنو، پوليس کي ٻڌائڻ بدران ثبوت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار ظاهر جعفر جا والدين 7 کان 9 وڳي تائين قتل واري هنڌ پهچي ويا هئا پر پوليس کي نه ٻڌايو، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ٿراپي ورڪس جي سي اي او، ڊاڪٽر ۽ ٻين 5 جوابدارن جي ضمانت جي مخالفت ڪئي، عدالت ۾ دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جوابدار ظاهر جعفر جي والدين سميت 4 جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وئي.