لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ عورتن سان زيادتي ۽ بدسلوڪي جي واقعن ۾ مسلسل اضافو، رنگ روڊ طرز جو هڪ ٻيو دردناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ رڪشا ڊرائيور مبينا طور عورت کي پنهنجي ڌيءَ جي سامهون جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. ميلسي کان لاهور ايندڙ وهاڙي جي رهواسڻ 35 ورهين جي ارشاد بي بي، پنهنجي 15 سالن جي ڌيءَ سان گڏ مسافر گاڏي مان ٺوڪر نياز بيگ باءِ پاس تي لٿي، ارشاد بي بي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ لاهور جي صدر ڪينٽ واري علائقي مان هڪ رڪشا ۾ ويٺي. رڪشا ڊرائيور عمر فاروق ۽ سندس ساٿي عورت ۽ سندس ڌيءَ کي گهمائي ايل ڊي اي ايونيو جي ويران جاءِ تي وٺي ويو، جتي رڪشا ڊرائيور ۽ سندس ساٿي عورت ۽ ان جي ڌيءَ کي مبينا جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، جوابدار متاثر عورتن کي اتي ئي ڇڏي موبائيل فون ۽ روڪ رقم به کسي فرار ٿي ويا، عورتن جي گوڙ تي رڪشا به اتي ڇڏي ويا، اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، عورت کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال موڪليو ويو، واقعي بابت ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن شارق جمال جو چوڻ آهي ته پوليس ڪيس داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نواب ٽائون ٿاڻي ۽ اوڪاڙا جي علائقي حويلي ۾ اڳ ئي عورتن سان زيادتي جا ٻه ڪيس داخل آهن. هوڏانهن وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي.