لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ ٽڪ ٽاڪر عائشه اڪرم سان بدسلوڪي واري واقعي ۾ وڌيڪ 34 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، ڪيس ۾ گرفتار ٿيلن جو انگ وڌي 126 ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڏکڻ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران وڌيڪ گرفتاريون ٿيون، جڏهن ته آءِ جي پنجاب ٽڪ ٽاڪر سان بدسلوڪي واري واقعي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي انساني حقن بابت سيل ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو شڪي قرار ڏيڻ سميت 28 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو ڪال رڪارڊ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ 4 رُڪني خصوصي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جڏهن ته متاثر ناري جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي وئي آهي اها رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، واقعي جي حوالي سان 30 وڊيوز ۽ 60 تصويرون سڃاڻپ لاءِ نادرا ڏانهن اُماڻيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ جي انساني حقن بابت سيل اهڙي واقعي جو نوٽيس ورتو هو.