اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم ڪيس ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن، نورمقدم قتل واري ڏينهن پنهنجي خاندان سان رابطو ڪيو هو، ذريعن موجب نور مقدم پنهنجي خاندان کي چيو ته جيڪڏهن زنده ڏسڻ چاهيو ٿا ته نه ڳولا ڪجو نه وري پوليس سان رابطو ڪجو، ذريعن موجب نور مقدم ٻن سالن کان جوابدار ظاهر جعفر جي تشدد جو شڪار هئي، پهريان به ڪيترائي ڀيرا نور مقدم تي تشدد ڪيو ويو جنهن ڪري هوءَ ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي، ذريعن موجب جوابدار ظاهر کي نور مقدم جو مذهبي رجحان به پسند نه هو، جوابدار ظاهر نور مقدم تي مسلسل تشدد ڪندو هو. هوڏانهن نور مقدم ڪيس جي جوابدار ظاھر جعفر جي پولي گرافڪ ٽيسٽ مڪمل ٿي وئي آھي، اسلام آباد پوليس جوابدار ظاھر جعفر کي کڻي لاھور پھتي، جتي فرانزڪ ليبارٽري ۾ رھائش گاھ مان کنيل فوٽيجز جو فرانزڪ تجزيو ڪيو ويو ۽ ماھرن جوابدار جي پولي گرافڪ ٽيسٽ بھ ڪئي، ذريعن جو چوڻ آھي تھ ٽيسٽ ۾ ظاھر جعفر کان 20 سوالن جا جواب ورتا ويا ۽ ان ٽيسٽ کان اڳ جوابدار بيھوش ٿيڻ جي ايڪٽنگ ڪئي ۽ مختلف بھانا ڪيا. جڏهن ته اسلام آباد جي جوڊيشل ميجسٽريٽ نور مقدم قتل ڪيس جي مک جوابدار ذاڪر جعفر ۽ سندس والده عصمت آدم جي ضمانت واري درخواست 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي