ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ گڏيل قومن جي آفيس تي حملو، سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو، افغانستان جي صوبي جي گادي واري شهر ۾ قائم گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تي حملو ڪيو ويو، خابرو اداري موجب افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي عهديدار ٻڌايو ته طالبان هرات ۾ داخل ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد راڪيٽ ۽ دستي بم سان حملو ڪيو، افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي صوبائي هيڊ ڪوارٽر ويجهو افغان سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان ۾ جهڙپون ٿيون. حملي بعد گڏيل قومن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حملي بابت مڪمل تصوير ڪشي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، لاڳاپيل ڌرين سان رابطي ۾ آهيون. گڏيل قومن جي مشن تصديق ڪندي چيو ته واقعي ۾ اداري جي ڪنهن به فرد جو جاني نقصان نه ٿيو آهي، ٻئي طرف طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ٽوئيٽ ڪندي چيو ته اهو ممڪن آهي ته گارڊز آفيس جي ويجهو فائرنگ دوران زخمي ٿيا هجن، طالبان ويڙهاڪ واقعي واري هنڌ پهتا هئا، هاڻ ان عمارت کي ڪوبه خطرو نه آهي.