ڪراچي/ عمرڪوٽ (رپورٽ: فقير سليم ۽ الياس ٿري) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه پاران ٿر لينڊ گرانٽ پاليسي واري سمري منظور، 8 رڪني ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگهه جي سفارش تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگھڙ ضلعن جي اڇڙي ٿر ۾ اڌ صدي کان التوا ۾ پيل ٿر لينڊ گرانٽ پاليسي جوڙڻ واري سمري کي منظور ڪندي انهي کي حتمي شڪل ڏيڻ وارو ڊرافٽ تيار ڪرڻ ۽ ڪاميٽي جوڙڻ جي ھدايت ڪئي آھي، جنھن بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھ ڪالهه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٿر سان واسطو رکندڙ چونڊيل نمائندن ۽ ماھرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل 8 رڪني ڪاميٽي جوري آھي روينيو وارو صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان جي سربراهي واري ڪاميٽي ۾ رٽائرڊ آفيسر نذر محمد لغاري، خاص معاون اشفاق ميمڻ، 4 پ پ ايم پي ايز ارباب لطف الله، فقير شير محمد بلالاڻي، راڻا ھمير سنگهه سوڍو، انجنيئر قاسم سراج سومرو، اڳوڻو پ پ ايم پي اي دوست محمد راھمون، بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن جو عملدار شامل ھوندا ڪاميٽي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگھڙ جي ٿر واري پٽي ۾ موجود ساڍا 7 لک ايڪڙ اويڪيو ۽ اينيمي پراپرٽي واري زمين جي سروي ڪري ڊرافٽ تيار ڪري سنڌ جي وڏي وزير حوالي ڪندي، انهي ڊرافٽ کي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ان کي قانوني شڪل ڏني ويندي، ايندڙ وقت ۾ ٿر لينڊ گرانٽ پاليسي واري قانون تحت ٿر جي زمينن جي مالڪي ۽ وارثي جا فيصلا ٿيندا ذريعن موجب ڪاميٽي جو پهريون اجلاس ايندڙ ھفتي ٿين جا امڪان آهن، ٻئي طرف پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ٻڌايو ته ٿر جي عوام جو اڌ صدي کان التوا ۾ پيل اھم ترين مسئلو حل ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي آھي، هن چيو ته 1965ع ۽ 1971 ع جي جنگين بعد لڏپلاڻ ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين خالي ٿي، ڪجهه زمينن تي قبضو ٿيو ته گهڻي زمين کي روينيو کاتي وارن اويڪيو ۽ اينيمي پراپرٽي قرار ڏنو، جنھن جو روينيو جي قانون ۾ ڪو وجود ناھي، هن چيو ته نئين پالسي بعد لاپي ۽ ڍل جي نالي ۾ ٿيندڙ فراڊ جو خاتمو ٿيندو، ڌرتي ڌڻين جي مالڪي ٿيندي