اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر سان ملاقات ڪري نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گهرو وزارت جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزير شيخ رشيد پاڪستان ۾ مقرر برطانوي سفير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران تعلقاتن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پڌرائي موجب گهرو وزير پاران ڊيوڪ آف ايڊنبرا پرنس فلپ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ جوابدارن جي حوالگي بابت معاهدن جي واپس جو جائزو ورتو ويو ۽ جوابدارن جي حواليگي ۽ وطن واپسي جي معاهدن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پڌرائي موجب ملاقات ۾ نواز شريف جي پاڪستان واپسي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير ۽ برطانوي سفير ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جوابدارن جي حوالگي واري معاهدو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، معاهدن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.