نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا مريضن جي انگ ۾ لاڳيتو ٽئين ڏينهن رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، وڌيڪ هڪ لک ماڻهو 24 ڪلاڪن اندر مرض ۾ مبتلا ٿيا آهن، جنهن ڪري ملڪ ۾ آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن، آڪسيجن نه هجڻ جي ڪري هڪ ئي اسپتال ۾ 24 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته جاپان جي وزيراعظم به ڀارت جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. مليل اطلاعن موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس ۾ بيپناهه اضافو ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ تقريبن 3 لک ڪيس ۽ 2 هزار کان وڌيڪ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. ڪل مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 57 لک 31 هزار 566 ۽ فوتين جو هڪ لک 83 هزار 88 ٿي ويو آهي. 518 ماڻهو 24 ڪلاڪن ۾ فوت ٿيا آهن. اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن ۽ ڪا جاءِ خالي ناهي، اسپتالن ۾ آڪسيجن جي کوٽ پڻ پيدا ٿي وئي آهي. ناسڪ جي اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري ڪورونا جا 24 مريض فوت ٿي ويا، اها کوٽ آڪسيجن سلينڊر ليڪ ٿيڻ ڪري پيدا ٿي آهي. دهلي جي اسپتالن ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿي پئي آهي، حڪومت جي مدد لاءِ سوشل ميڊيا تي اپيل پئي ڪئي وڃي، دهلي ۾ هر ٽئين ماڻهوءَ جي رپورٽ پازيٽو اچي رهي آهي. ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري ڀارت ۾ لاشن کي دفنائڻ ۽ ساڙڻ لاءِ جاءِ گهٽ ٿي وئي آهي. ماڻهن کي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي جنهن ڪري وري دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هوڏانهن جاپان جي وزيراعظم يوشيهدي سوگاني ڪورونا وائرس ۾ واڌ جي ڪري پنهنجو ڀارتي دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.کيس مئي جي شروعات ۾ فلپائن ۽ ڀارت جو دورو ڪرڻو هو پر هن ٻنهي ملڪن جا دورا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.جاپان جي وزيراعظم ڀارت جو دورو وڌندڙ ڪورونا ڪيسن سبب ملتوي ڪيو آهي. دنيا ۾ مريضن جو انگ 14 ڪروڙ 38 لک 62 هزار 18 ٿي ويو آهي جن مان 30 لک 62 هزار 165 فوت ٿي چڪا آهن.