اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي کي جوتا هڻڻ واري بيان جو نوٽيس ورتو آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي جي هدايتن تي شاهد خاقان عباسي کي خط لکيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي 7 ڏينهن ۾ معافي وٺي ۽ پنهنجي پوزيشن واضح ڪري. خط ۾ چيو ويو ته شاهد خاقان جي طرز عمل اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ خلل وڌو، شاهد خاقان اسپيڪر جي عهدي جو مذاق اڏايو، شاهد خاقان عباسي طرفان طئه ٿيل وقت تي جواب نه ڏيڻ تي سمجهيو ويندو ته وٽس پنهنجي دفاع لاءِ ڪجهه به نه آهي. هوڏانهن اسپيڪر اسد قيصر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي کي 20 اپريل تي غيرپارلياماني رويو اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي طرز عمل سان قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ خلل وجهڻ تي ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ ۽ نامناسب رويو اختيار ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.