اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جو سربراهه ميان نواز شريف پاڪستان اچڻ بدران سعودي عرب مان لنڊن واپس روانو ٿي  ويو آهي، نيو نيوز موجب مسلم ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف عمري جي سعادت ماڻڻ ۽ عيد سعودي عرب ۾ گذارڻ بعد واپس لنڊن روانو ٿي ويو آهي، ٻئي طرف چيف آرگنائيزر مريم نواز به والد ميان نواز شريف سان گڏ عمرو ادا ڪرڻ ۽ عيد گذارڻ بعد لاهور رواني ٿي وئي.