اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر خصوصي وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي، وڊيو پيغام ۾ اسد قيصر چيو ته اڄ  وڏو اهم ڏينهن آهي، پاڪستان جي تقدير جي حوالي سان تاريخ جو وڏو فيصلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته چيف جسٽس خلاف سازش جي تياري ڪئي پئي وڃي، اهڙي قسم جون ڪوششون قابل قبول ناهن،  هن چيو ته حڪومت واضح ڪري ڇڏيو ته اها ڪي ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي، اها سپريم ڪورٽ سان ٽڪراءَ لاءِ تيار آهي، پاڪستاني قوم کي اپيل ٿو ڪريان ته جيڪڏهن چيف جسٽس خلاف ڪا سازش ٿي ته پوري قوم نڪرندي ۽ چيف جسٽس سان گڏ بيهندي، هن ملڪ کي عوام جي ذريعي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻو آهي، اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن حڪومت سپريم ڪورٽ جي توهين ڪئي ته اميد آهي ته پوري قوم پنهنجي ٻارن جي مستقبل ۽ حقيقي آزادي جي لاءِ ٻاهر نڪرندي.