لاهور (م ڊ) انساني حقن بابت پاڪستان ڪميشن پاڪستان ۾ 2022ع دوران ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ معاشي بيچيني ۽ ان جي انساني حقن جي صورتحال تي ٿيندڙ اثرن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، انساني حقن جي اداري ”انساني حقن جي صورتحال 2022“ جي عنوان هيٺ پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ گذريل سال دوران سياسي بيچيني ۽ ان جي انساني حقن جي صورتحال تي پوندڙ ڳنڀير اثرن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته گذريل ۽ موجوده ٻئي حڪومتون پارليامينٽ جي بالادستي جو احترام ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، جڏهن ته قانون سازن، انتظاميه ۽ عدليه وچ ۾ ڇڪتاڻ ادارن جي ساک کي متاثر ڪيو آهي.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهن کي سياسي طور تي نشانو بڻائڻ جو سلسلو سڄو سال جاري رهيو ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ لاءِ نوآبادياتي دور جي قانونن جو سهارو ورتو ويو، درجنين صحافين ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان ڪجهه حراست دوران تشدد جا الزام لڳايا، تعجب جي ڳالهه اها آهي ته پارليامينٽ هن سال هڪ بل منظور ڪيو هيو، جنهن ۾ تشدد کي غير قانوني قرار ڏنو ويو هيو، اڳوڻي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي ووٽ جي ڪاميابي بعد ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ۽ مظاهرين وچ ۾ جهڙپون ٿيون، جن ۾ اجتماع جي آزادي جي حق کي پامال ڪيو ويو، گذريل سال دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿيو، جن ۾ 533 ماڻهو مارجي ويا، انهن واقعن جو تعداد گذريل پنج سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ هيو، شهرين طرفان خبردار ڪرڻ جي باوجود خاص طور تي خيبر پختونخواهه ۾ اهڙا واقعا انٽر هيا، حڪومت عسڪريت پسندي جي خاتمي ۾ جهجهڪ جو مظاهرو ڪندي رهي، ايچ آر سي پي خاص طور تي بلوچستان ۾ جبري گمشدگي جي واقعن ۾ اضافي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، 2210 ڪيسز اڃا تائين حل ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته قومي اسيمبلي هڪ بل منظور ڪري جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏنو هيو، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ ملڪ جي هڪ وڏي حصي کي متاثر ڪيو، تنهن ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثر ماڻهن جي لاءِ امداد ۽ بحالي جا قدم مايوس ڪندڙ حد تائين ناڪافي رهيا، ان ناڪافي ردعمل هر صوبي ۽ علائقي ۾ بااختيار، مناسب وسيلن جي حامل مقامي حڪومتن جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو آهي، انساني حقن جي ڪميشن جو چوڻ آهي ته مذهب يا عقيدي جي آزادي خلاف وڌندڙ خطرا ڳڻتي جوڳا آهن، جيتوڻيڪ توهين مذهب جي الزامن بابت پوليس رپورٽس ۾ گهٽتائي آئي آهي، تنهن هوندي به هجوم هٿان مارجڻ ۾ ظاهري طور اضافو ٿيو آهي، احمدي برادري خاص طور تي حملن جي زد ۾ رهي ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ ڪيترين عبادت گاهن ۽ 90 کان وڌيڪ قبرن جي بي حرمتي ڪئي وئي، عورتن خلاف تشدد بنا روڪ ٽوڪ جي جاري رهيو ۽ جنسي زيادتي ۽ اجتماعي جنسي زيادتي جا گهٽ ۾ گهٽ 4226 واقعا پيش آيا، جڏهن ته ڏوهارين جي لاءِ سزا جو تناسب مايوس ڪندڙ حد تائين گهٽ رهيو،  ان کانسواءِ کدڙن فقيرن خلاف تشدد ۽ امتيازي سلوڪ، جيڪو هن رپورٽ جو موضوع به آهي، ان ۾ اضافو ڏٺو ويو ۽ ڪافي جدوجهد بعد منظور ڪيل خواجه سرا افراد (حقن جو تحفظ)ايڪٽ، 2018 قدامت پسندن جي تنقيد جي زد ۾ رهيو، رپورٽ مطابق هڪ اهڙي سال ۾ جڏهن ملڪ جي معاشي صورتحال انتهائي خراب هئي، پورهيتن ۽ هارين جي حقن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو يوو، جيتوڻيڪ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو ڪيو ويو، تنهن هوندي به رياست هيل تائين ان ڳالهه کي تسليم ناهي ڪيو ته اها مناسب اجرت جي معيار کان گهٽ آهي، ان کانسواءِ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ تقريبن 1200 گروي مزدورن کي آزاد ڪرايو ويو، تنهن هوندي به 2022 ۾ قائم ڪيل ضلعي نگران ڪميٽيون وڏي حد تائين غير فعال رهيون، ملڪ جي کاڻهن ۾ موتن جو تعداد به تمام وڌيڪ رهيو، کاڻن ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ 90 مزدور فوت ٿي ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن رياست کي سياست، قانون ۽ نظم و ضبط جي حوالي سان هڪ عوام دوست حڪمت عملي طرف وڌڻو آهي ته ان کي انهن مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا.