اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي معاملي تي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ اٽارني جنرل چيو آهي ته ڊاڪٽرز جي هدايت  تي نواز شريف کي 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ 6 نومبر 2019 تي نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي، شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته اوهان پنهنجي ڀاءُ جي واپسي لاءِ عدالت ۾ حلف نامو به جمع ڪرايو هو، اوهان ضمانت ڏني هئي ته هو واپس اچي ويندو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا رپورٽس موجب هاڻي نواز شريف جي طبيعت بهتر آهي ۽  لنڊن ۾ سياسي ۽ سماجي سرگرميون ڪري ٿو، خط ملڻ بعد 10 ڏينهن ۾ رپورٽس جمع نه ٿيون ته شهباز شريف خلاف ڪارروائي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪابينا هدايت ڪري هي خط لکڻ لاءِ چيو آهي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب حڪومت ميڊيڪل بورڊ جوڙيو آهي ان جي به هدايت آهي ته اوهان پنهجي ڀاءُ جي ميڊيڪل رپورٽس جمع ڪرايو ته جيئن ان جي جاچ ڪري سگهجي، هن وقت تائين جيڪي ميڊيڪل رپورٽس جمع ڪرايون ويون آهن اهي اعتبار جوڳيون ناهن.