واشنگٽن (م ڊ) روس جي حملي جو خطرو، آمريڪا يوڪرين مان سفارتي عملو واپس گهرائي ورتو، آمريڪي پرڏيهي  وزارت مطابق سفارتي عملي کي واپس گهرائڻ جو فيصلو روس پاران يوڪرين تي لاڳيتو حملن جي ڌمڪين بعد ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته آمريڪي صدر بائيڊن روس کي يوڪرين تي حملو ڪرڻ کان سختي سان روڪيو هو. ٻئي طرف صدر بائيڊن يوڪرين خلاف روس جي مسلسل جارحيت تي پنهنجي قومي سلامتي ٽيم سان مشاورت ڪئي آهي، صدر واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن روس يوڪرين ۾ وڌيڪ مداخلت ڪئي ته ان کي آمريڪا ۽ اتحادين پاران طوري ۽ سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.