اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ ۾ مخالف ڌر ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌي ويل ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي خلاف پاليسي ٺاهيندڙن کي  تبديل ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي معافي بدران سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سينيٽرز چيو ته اسٽبلشمينٽ جيستائين لساني ۽ مذهبي گروپن کي استعمال ڪندي دهشتگردي ختم نه ٿيندي، دهشتگردي واقعن تي سينيٽ جي پوري ايوان کي هول ڪاميٽي ۾ تبديل بريفنگ ڏني وڃي، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ اندر دهشتگردي جي وڌي ويل واقعن تي ٻن ڪلاڪن تائين بحث ٿيو، جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته دهشتگردي خلاف پاليسي ساز ڪير آهن اهي پاليسيون ناڪام ٿي ويون آهن، ان حوالي سان پاليسي سازي چونڊيل ميمبرن کي ڪرڻ گهرجي، پاليسي سازن کي تبديل ڪري  مامرا آئين تحت هلايا وڃن ته دهشتگردي ختم ٿيندي،  پيپلز پارٽي جي رضا رباني چيو ته لاهور جي انارڪلي ۽ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا، گهرو وزارت هاءِ الرٽ جاري ڪيو هو،  جيستائين پاڪستان، قوم ۽ رياست دهشتگردي جي سببن جو تجزيو نه  ڪندي اهو سلسلو هلندو رهندو، رياست ساڄي ڌر ۽ انتهاپسند تنظيمن جي حمايت ڪئي، جمهوري ۽ قومپرست قوتن کي روڪڻ ۽ عرب ڪلچر آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪي تاريخ ۾ جيڪي صدارتي نظام آيا انهن ۾ ايوب خان پنهنجي دور ۾ آمريڪا کي پشاور جو بيس ڏنو، جنرل ضاءُ الحق افغان جهاد جو آغاز ڪيو، نتيجي ۾ ملڪ اندر ڪلاشنڪوف ۽ منشيات  ۽ دهشتگردي وڌي، پرويز مشرف آمريڪا سان افغانستان جي جنگ جو آغاز ڪيو، اڄ جون حالتون ان جو نتيجو آهن، دهشتگرد تنظيمن رياست جي رٽ کي چيلينج ڪيو، پنهنجون عدالتون قائم ڪيون، رياست صرف ڏسندي رهي، افغانستان ٽي ٽي پي جا گروپ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن، حڪومت طالبان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، حڪومت کي اهو معلوم آهي ته سي پيڪ خلاف ڪجهه قوتون ڪم ڪري رهيون آهن ته پوءِ اسٽريٽجڪ پاليسي ۾ آمريڪا طرف شفٽ ڇو پيو ڪيو وڃي، هن مطالبو ڪيوته ان حوالي سان سڄي ايوان کي هول ڪاميٽي ۾ تبديل ڪري ڪارروائي عوام لاءِ کليل رکي اسٽيڪ هولڊرن کان بريفنگ ورتي وڃي، بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) جي سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪنهن به صورت ۾ڪامياب پاليسي ناهي، بلوچ هٿياربند گريٽر بلوچستان بنائڻ چاهين ٿا ان لاءِ اهي چون ٿا ته ڀلي رضا رباني، انوار الحق ڪاڪڙ،ڪامران مرتضيٰ جي جان وڃي ته ڀلي وڃي،  نواز ليگ جي اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان کي مصلحتون ڇڏڻيون پونديون، دهشتگرد دهشتگرد ئي آهن هن چيو ته بينظير ڀٽو تي حملو  ڪندڙ کي آزاد ڪيو ويو، هنڌ ڌوئيندڙ پوليس وارن کي سزا ڏني وئي، ائين ٿيندو ته آڱريون کڄنديون، دهشتگردن جا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ کين معافيون ڏيڻ جون پاليسيون ڇڏڻيون پونديون، نيشنل پارٽي جي پارلياماني ليڊر طاهر بزنجو چيو ته پاليسي ساز ادارا غلطيون درست ڪن، روس، چين ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ ۾اسان کي حصو نه ٿيڻ گهرجي، نيشنل ايڪشن پلان کي زمين کائي وئي يا آسمان ڳڙڪائي ويو، جماعت اسلامي جي پارلياماني ليڊر مشتاق احمد چيو ته دهشتگردي جا واقعا ٻڌائن ٿا ته حڪومت جي رٽ ناهي، هن مطالبو ڪيو ته پرويز مشرف کي ملڪ آڻي ان جو ٽرائل ڪيو وڃي، ان کي سزا ڏني وڃي، اسٽيبلشمينٽ جيستائين لساني ۽ مذهبي گروپن کي اسٽريٽجڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڇڏيندي دهشتگردي ختم نه ٿيندي،  ن ليگ جي افنان الله خان چيو ته شيخ رشيد جڏهن ريلوي جو وزير هو ته ٽرين حادثا وڌيا، هاڻي گهرو وزير آهي ته دهشتگردي جا واقعا وڌيا آهن، پيپلزپارٽي جي پلواشا خان چيو ته ، هن حڪومت تي هٿ ضرور هوندو پر اهو هٿ دهشتگردن جي ڳچيءَ ۾ هجڻ گهرجي مخالف ڌر جي ڳچيءَ ۾ نه، جي يو آءِ جي مولانا عبطاءُ الرحمان چيو ته جيڪا حڪومت کنڊ، پيٽرول جي قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي اها دهشتگردي تي ڇا ڪنٽرول ڪندي، وزيرعظم کي حڪومت کان ٻاهر موڪليو وڃي ته بهتر آهي خبر آهي ڪيترو خطرناڪ آهي، بحث کي سهيڙيندي گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾10 پوليس وارا شهيد ٿيا،4 دهشتگردن کي گرفتار ۽ ٻن کي ماريوآهي، هر وڏو پارٽي جي ليڊر صدارتي نظام سان گڏ ڪم ڪيو آهي، عمران خان جي حڪومت آخري دم تائين چين سان دوستي نڀائيندي ۽ سي پيڪ کي اڳتي وڌايو ويندو، داسو حملي ۾ ملوثن کي گرفتار ڪيوويو، اسامه بن لادن سان  گڏ ڪير هو ان ۾ نه ٿو وڃڻ چاهيان، دهشتگردي خلاف هڪ  بيانيو هجڻ گهرجي،  شاگردي جي دور کان مان جيڪو نعرو هڻندو هئس اهو اڄ به هنيو پيو وڃي ته گرتي هوي ديوار کو ايڪ ڌڪا اور دو” هن چيو ته بي اين اي ٺهي چڪي آهي، داعش ۽ ٽي ٽي پي گروپ به آهن، افغانستان سان بارڊر سان رڳو20 ڪلوميٽر ايريا تي خاردار تارون باقي لڳڻيون آهن، هن چيو ته سي ٽي ڊي سنڌ ۽پنجاب کي ڏسي رهي آهي،بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کي 11 ۽ 12 ڪور ڏسي رهي آهي، ڀارت نه ٿو چاهي ته اسان جا افغانستان ۽ ايران سا سٺا تعلقات هجن، ملڪ  ۾ 20 طرحن جي دهشتگردي آهي، فرقيواراڻي دهشتگردي به آهي، وزيراعظم ڪالهه اهو چيوآهي ته حڪومت مان نڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ خطرناڪ هوندس، ائين ته توهان به چوندا آهيو، هن چيو ته ڀارتي ايجنسي را ڪجهه پاڪستاني ڪرمنلز کي وارداتن لاءِ انگيج ڪيو ۽ چيو ته 25 لک رپيا وٺو . هن چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، ٽي ٽي پي قانون جي دائري ۾ اچي ته انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، پر پاڪستان ڪنهن قيمت تي ملڪ ۾دهشتگردي جي اجازت نه ڏيندو، پاڪستان جي سالميت تي حرف اچڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي خلاف مقابلي ۾حڪومت ۽ مخالف ڌر شامل آهي.