حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن سنڌ  جي آرگنائيزر علي اڪبر سومرو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. علي اڪبر سومرو جو چوڻ آهي ته هن پارٽي جي عهدي تان ان ڪري استعيفيٰ ڏني آهي جو صوبائي صدر سيد شاهه محمد شاهه جو پارٽي ڪارڪنن ۽ عهديدارن سان رويو مناسب نه آهي. هن مسلم ليگ ن لائيرز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ پارٽي جي هڏ ڏوکي اڳواڻ رميش گپتا کي عهدي تان هٽرايو آهي. رميش گپتا جو ڏوهه اهو هو جو هن حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار ڪوٺايو هو جنهن جي صدارت صوبائي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل ڪئي هئي. اها ڳالهه صوبائي صدر کي ناگوار گذري. سندس اهڙي رويي تي هو استعيفيٰ جو اعلان ڪري ٿو.