اسلام آباد (م ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ چئن ورهين بعد اهڙو وزيراعظم آيو آهي جنهن کي دنيا اعتماد جوڳو ليڊر مڃي ٿي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شهباز شريف ۽ نواز شريف پنهنجي محنت ۽ قائداڻي صلاحيتن ذريعي دنيا ۾ عزت ڪمائي، شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ان ڳالهه جو ثبوت آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم چيني صدر، رجب طيب اردوان، پيوٽن ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم بامقصد ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ان جو وڌيڪ ثبوت آهي.