تهران (م ڊ) ايران کي شنگهائي تعاون تنظيم جي مستقل ميمبرشپ ملي وئي، ازبڪستان جي شهرسمر قند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ايران کي شنگهائي تعاون تنظيم جي مستقل ميمبرشپ ڏني وئي، جنهن بعد تنظيم جي ميمبر ملڪن جو تعداد 9 ٿي ويو، ان کانسواءِ مصر، سعودي ۽ قطر کي به تنظيم جي ڊائيلاگ پارٽنرز جو درجو ڏنو ويو،  واضح رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي مستقل ميمبرن ۾ چين، ڀارت، روس، پاڪستان، قازقستان، تاجڪستان، ڪرغستان، ازبڪستان ۽ ايران شامل آهن.