تائيوان (م ڊ) روس جي تائيوان بابت معاملي تي چيني موقف جي حمايت جي مذمت ڪندي تائيوان چين روس لاڳاپن کي عالمي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي. خابرو ايجنسي موجب تائيوان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان روس جي تائيوان جي معاملي تي چيني موقف جي حمايت جي سخت مذمت ڪئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته روس چين لاڳاپا عالمي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي برادري کي آمريت جي واڌ خلاف مزاحمت ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته چين ۽ روس جي صدر جي گذريل ڏينهن شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس دوران سائيٽ لائين ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ روسي صدر چيني صدر سان ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪئي هئي.