تاشقند (م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته اسان يوڪرين جنگ جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال کان آگاهه آهيون ۽ ان جي لاءِ جيترو جلد ٿي سگهي جنگ ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. عالمي خابرو اداري موجب صدر ولاديمير پيوٽن ازبڪستان ۾ ڪوٺايل شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته روس جيترو جلدي ٿي سگهي يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان يوڪرين جي قيادت ڳالهين واري عمل کان پري رهي پنهنجا مقصد جنگ ذريعي حاصل ڪرڻ تي ڀاڙي رهيو آهي. ان موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي روسي صدر کي ٻڌايو ته هي وقت جنگ جو ناهي، دنيا اڳواٽ ئي مسئلن جهڙوڪ ڪورونا وائرس، موسمياتي تبديلين ۽ مالي بحران سان منهن ڏئي رهي آهي.