اسلام آباد: گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جو هڪ ڀيرو وري شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي، گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس پهريان 22 آگسٽ 2022ع تي ٿيڻو هو، جنهن جو وقت تبديل ڪري 22 سيپٽمبر 2022ع 4 وڳي وقت مقرر ڪيو ويو هو، پر اسپيڪر قومي اسيمبلي وري شيڊول ۾ تبديلي ڪري ڇڏي، اسپيڪر ان حوالي سان رولز تحت حاصل اختيار استعمال ڪندي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس 22 سيپٽمبر بجاءِ ايندڙ مهيني 20 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جو شيڊول تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.