نوازشريف جي واپسي جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟

0
159
نوازشريف جي واپسي جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟

     هن هفتي شهزاد اڪبر کي ڪنهن به ياد نه ڪيو نه ئي ڪنهن ڪوشش ڪئي ته شهزاد اڪبر جي ناڪاميءَ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ڪا اضافي محنت ڪجي. شهزاد اڪبر ۽ حفيظ شيخ ته پنهنجو فرض نڀائي هليا ويا پر اڪبر ايس بابر کان وٺي بشير ميمڻ تائين ڪيترائي اهڙا سياسي ۽ بيوروڪريسي جي اندر جا ڪردار آهن جيڪي عمران خان جي احتساب لاءِ سالن کان ميدان تي لٿل آهن. هڪ طرف عمران خان آهي جيڪو روز جي بنياد تي ياد ڪرائيندو آهي ته سندس حڪومت جو مقصد ئي احتساب ڪرڻ آهي، عمران خان اهو به روز جي بنياد تي ياد ڪرائيندو آهي ته ڊاڪو ڪير آهن ۽ اهو به روز سمجھائيندو آهي ته جيستائين طاقتور ڊاڪو قانون جي دائري ۾ نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي جي رستي تي هلي نه سگھندو. ان سڄي تشريح ۽ تمهيد جو مقصد سالن کان پوري قوم سمجھي ٿي ته نوازشريف ۽ آصف زرداري ئي مسئلي جي پاڙ آهن، جيستائين اهي جيل ۾ نه هوندا تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگھندو، ان عمل جي لاءِ ملڪ جي سمورن ادارن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي.

زرداري ۽ نوازشريف نه رڳو خاندان سميت جيل ياترا ڪري چڪا آهن پر سندن پارٽي جا شاهد خاقان عباسي ۽ سليم مانڊوي والا ته روز پنهنجو حساب گھرڻ لاءِ احتساب عدالت جي دروازي تي پهچي نيب کي جوابده ڪري رهيا آهن. خبر ناهي خورشيد شاهه پنهنجن ٻن سالن جو حساب گھرڻ لاءِ عدالت جو در ڇو نٿو کڙڪائي پر هو هميشه چوندو آهي ته اسان پيپلز پارٽي وارا آهيون جيل ڀوڳڻ اسان کي ايندو آهي پر اهڙين جيل ياترائن باوجود ملڪ ترقيءَ جي راهه تي هلي نه سگھيو آهي. ملڪ جي معاشي صورتحال کي مني بجيٽ جو سهارو وٺڻو پئجي ويو آهي، آءِ ايم ايف نه وڃڻ واري واعدي ڪرڻ واري حڪومت خودڪشي ڪرڻ بدران هاڻي انهيءَ ڳالهه تي خوشي ملهائِي رهي آهي ته آءِ ايم ايف وارا هاڻي اسان سان ڳالهائڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن پر عمران خان کي هينئر تائين انهيءَ ڳالهه تي افسوس آهي ته آخر عدالتون به انهن کي رليف ڇو ٿيون ڏين.؟ هاڻي ته خان صاحب کي انهيءَ ڳالهه تي به چڙ اچي وئي آهي ته وڪيلن نوازشريف جي تاحيات پابنديءَ واري معاملي کي درخواست جي صورت ۾ ڪيئن ڇيڙيو آهي. عمران خان کي پنهنجي ئي اتحادي چوڌري شجاعت سمجھايو به آهي ته پنهنجي ڪارڪردگي سڌاريو، نوازشريف جي واپسي واري ڳالهه ڇڏيو جيترو پئسو نوازشريف کان واپس وٺڻو هو ان کان وڌيڪ سندس ڪيسن تي خرچ ڪري چڪا آهيون. نواز شريف واپس نه ايندو جيستائين سندس پارٽي وارا نه چوندا.

اها ئي ڳالهه هئي جيڪا شهزاد اڪبر شيخ رشيد ۽ فروغ نسيم وارن سان ٿيل ميٽنگ  ۾ ڪئي هئي جنهن جو پڙاڏو ڪابينا واري اجلاس ۾ ٻڌو ويو ته شهزاد اڪبر چوي ٿو ته نوازشريف کي واپس آڻي نه ٿو سگھجي. ڪابينا جي وزيرن کي پنهنجي ڪپتان سميت نه ٻڌڻ جي سگهه نه آهي، ان ڪري ناممڪن کي ممڪن نه ڪري سگھڻ سبب شهزاد اڪبر کي چيو ويو ته هو استعيفيٰ ڏيو گھر وڃو. شهزاد اڪبر ۽ نيب وارن جي ڪارڪردگي ساڳي آهي جنهن جو مقصد اهو آهي ته ڪيسن ۾ جان نه آهي، عدالتن آڏو دليل مضبوط نه آهن پر هينئر جيئن نيب وارا روز پنهنجي ڪارڪردگي وارو بيان جاري ڪندا آهن، ايئن ئي شهزاد اڪبر به اهڙي پريس ڪانفرنس ڪندو هو جو لڳندو هو ته نوازشريف وارن جو بچي نڪرڻ ناممڪن آهي پر نتيجو مني لانڊرنگ وارا پئسا آيا ته ڪو نه پر حڪومت کي بقول چوڌري شجاعت وڌيڪ پئسا خرچ ڪرڻا پئجي ويا. عمران خان شهزاد اڪبر کي ته واپسيءَ جو رستو ڏيکاري ٿو ڇڏي،

حفيظ شيخ کي به باءِ باءِ ٿو ڪري ڇڏي، پنهنجي ئي ايم اين اي نور عالم کي اجلاس اندر پنهنجو خيال پيش ڪرڻ تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي مان ئي نيڪالي ڏياري ٿو ڇڏي، وڪيلن جي تاحيات نااهلي خلاف واري درخواست تي به ڪاوڙ ٿو ڪري پر ساڳئي عمران خان کي چوڌري شجاعت حسين جي ڳالهه تي خاموشي آهي. عمران خان سندس پارٽي کي اختلافي نوٽ تي وضاحت وارو خط نٿو لکي، عمران خان کي ان بابت اهو ياد ڇو نٿو اچي ته طاقتور جي لاءِ هڪڙو قانون آهي ته ڪمزور لاءِ ٻيو قانون ڇو؟ عمران خان کي فروغ نسيم کان بابر اعواڻ تائين جھڙن قانوني ماهرن جي ڪارڪردگي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ ڪهڙي شاندار نظر آئي آهي جو اهي هينئر تائين نفيس ترين وزيرن جي کاتي ۾ آهن، ها ايترو ضرور آهي ته چوڌري شجاعت حسين جي صلاح باوجود حڪومت پنهنجي اٽارني جنرل معفرت شهباز شريف سان خط و ڪتابت ۾ لڳي پئي آهي ڇو ته ڪپتان کي ڪنهن جي صلاح پسند نه آهي.

ڪپتان جي ڳالهه ۾ ڪيڏو نه وزن هجي ها جيڪڏهن هو پهرين ڏينهن کان پنهنجي احتساب واري ڳالهه تي پنهنجي پارٽي جي اندر پهرين ڏينهن کان عمل ڪري ها، فيصل واوڊا کي عدالتن کان اليڪشن ڪميشن تائين بچائڻ جي ڪيئن نه ڪوشش ڪئي وئي آهي، چوڌري فواد ۽ اعظم سواتي واري ڪيس ۾ پارٽي کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته اهي قافلي جي صورت ۾ وزيرن سان گڏ وڃن، هينئر اليڪشن ڪميشن علي امين گنڊاپور کي گھرايو ته هو ڪورونا جو سبب ڄاڻائي اليڪشن ڪميشن ته نه آيو پر اليڪشن ڪميشن جي روڪڻ باوجود تڪن ۾ تقريرون ڪندي پنهنجا فوٽو سوشل ميڊيا تي رکندي اليڪشن ڪميشن کي نياپو ڏيندو رهيو ته جيڪو ڪرڻو اٿوَ ڪيو.

عمران خان کي قانون جي بالادستيءَ جو فڪر هجي ها ته اليڪشن ڪميشن کي وچ ۾ اچڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها پر هاڻي ته اليڪشن ڪميشن ئي سندس نشاني تي آهي. پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ تي پي ٽي آءِ وارن کي ڪاوڙ آهي ته هڪ صوبي جو وزيراعليٰ مراد علي شاهه ڪيئن ٿو ٽريڪٽر مارچ ۾ اچي خطاب ڪري، مراد علي شاهه ڪيئن ٿو اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪري، حڪومت کان اهي ڏينهن وسري ويا آهن جڏهن پرويز خٽڪ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا هو جيڪو اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ قافلو ڪاهي نڪتو هو، تڏهن ساڳيو منطق کين سمجھه ۾ ڇو نه پئي آيو. هينئر عمران خان پنهنجي پارٽي کي لانگ مارچ جو جواب لانگ مارچ جي صورت ۾ ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي حڪم ڏنو آهي ته پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ کان هڪ ڏينهن اڳ گھوٽڪي کان ڪراچي تائين جوابي لانگ مارچ ڪيو وڃي.

مون کي اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري پارليامينٽ سامهون اچي ويهي رهيا هئا، پارليامينٽ جي اندر داخل ٿيڻ کان پي ٽي وي تي به چڙهائي ڪري چڪا هئا تڏهن مون سندن ڪنٽينر اندر وڃي انٽروو ڪيو هو، انهن کان پڇيو هو ته احتجاج جو اهو طريقو ڪيئن درست آهي، ڊاڪٽر طاهر القادريءَ چيو هو ته دنيا جي اندر لانگ مارچ جي ڊگھي تاريخ آهي، جڏهن ته احتجاج به دنيا اندر پارليا مينٽ جي ئي سامهون ٿيندا آهن، جيڪو طريقو عمران خان کي پنهنجي سياسي ڪزن طاهر القادريءَ سميت پسند هو، اهو طريقو پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي صورت ۾ ڇو پسند نه آهي، پي ڊي ايم سان ياد آيو ته عمران خان رڳو آصف زرداري ۽ نواز شريف کي ئي جيل م ڇو ٿو ڏسڻ چاهي، مولانا فضل الرحمان به ته پي ڊي ايم جو سربراهه آهي، لانگ مارچ به ڪري چڪو آهي، عمران خان جي نشان تي به رهيو آهي، کيس به نيب پاران گھرائڻ جون خبرون آيون هيون مولانا صاحب ته رڳو اهو چيو هو ته گھرائي ته ڏسو، مريم نواز به ته لاهور نيب آڏو عوام سمنڊ سميت پيش ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پوءِ  ٻڌڻيون ڇو ملتوي ٿي ويون.

عمران خان جا خيبرپختونخوا جا شاهه محمد جھڙا وزير پولنگ اسٽيشن تي چڙهايون ڪن ٿا، ڊسڪه جيان پولنگ ايجنٽ ئي غائب ٿي وڃن ٿا، عمران خان پاڻ يا محمود خان ۽ پرويز خٽڪ وارن شاهه محمد جو احتساب ڇو نه ڪيو، اليڪشن ڪميشن ان صوبائي وزير کي پنجن سالن لاءِ نااهل ڪيو آهي. وزير خارجه شاهه محمود قريشي کي سينيٽ جي اجلاس ۾ يوسف رضا گيلانيءَ خلاف ڳالهائيندي ڏسي ايئن لڳو ڄڻ ته هو مراد سعيد جو ڪردار ادا ڪندو هجي، هڪڙي پاسي وزيراعظم چين جي دوري تي پهتو آهي، ملڪ اندر دهشتگرديءَ جي لهر پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ جا وفاقي وزير پاليسي بيان جي بنياد تي به مراد سعيد واريون ٻاراڻيون تقريرون ڪن ٿا ڇو ته انهن کي خبر آهي ته مني بجيٽ پاس ڪرڻ باوجود تنقيد جا تير حڪومت بدران يوسف رضا گيلاني جي غير حاضري ڏانهن ٿي ويا آهن، ان ڪري مهانگائي جي طوفان ۽ خراب ڪارڪردگي سميت آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ واريون ذميواريون به انهن جي مٿان وجھي باوجود ان جي ته نواز شريف کي پرڏيهه موڪلڻ جي اجازت وارا اعتراف وزيراعظم کان وفاقي وزيرن تائين پاڻ ڪندا رهن ٿا پر تنهن هوندي به اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا ته نوازشريف ڪوڙين رپورٽن جي آڌار تي ويو آهي، ان ڪري حڪومت جي اين آر او ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

حقيقت ۾ نوازشريف جي پٽ حسن نواز جي انهيءَ موقف ته کڏ ۾ وڃي پئو، مان صاف ظاهر آهي ته هاڻي انهن کي به خبر آهي ته حڪومت هاڻي ڪجھه به ڪري سندس وس ۾ ڪجھه به ناهي، ان ڪري شهباز شريف به جوابي خط سخت لهجي سان لکي پيو، سندس پارٽي وارا جاويد لطيف وارا چون ٿا ته نوازشريف اچي پيو ته هڪڙا چون پيا ته نٿو اچي. حڪومت نوازشريف جي واپسي هجي يا بلاول ڀٽو کي سنڌ حڪومت جي روپ ۾ ڏکيو ڪرڻ جو مرحلو هجي يا پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڪرڻي هجي انهن سمورن پاسن تي ناڪام نظر اچي رهي آهي، ان ڪري جيئن ڪمزور تي هر طرف کان حملو ٿيندو آهي تيئن عمران خان تي هينئر چئني طرفن کان سياسي حملا ٿي رهيا آهن، ڏسجي ته عمران خان هن بحران مان ڪيئن ٿو نڪري. جڏهن ته اهو سوال ايندڙ وقت لاءِ رکون ٿا ته نوازشريف جي واپسي ڪنهن جي ڪاميابي هوندي، نواز شريف جي پنهنجي يا عمران خان جي؟