ٽانڊي لاءِ آيل بورچي ڪيئن بڻيا ؟

0
241
ٽانڊي لاءِ آيل بورچي ڪيئن بڻيا ؟

 گذريل ڪجھه ڏينهن کان شروع ٿيل صورتحال انتهائي سنگين ۽ خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي آهي ڇاڪاڻ ته تبديل ٿيل صورتحال جي سبب پٺيان جيڪي طاقتور ڌريون آهن اهي هاڻي لک ڪوششن باوجود پاڻ کي لڪائي رکڻ وارين ڪوششن ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ۽ اڳواٽ طئه ڪيل پلان تي عمل ڪندي انهن ئي ڌرين الطاف ڀائي جي سمورن ساٿين کي ڌوئي پاڪ صاف ڪري فقط هڪ الطاف جي قرباني ڏيڻ واري ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

اهي اڳوڻا لڪل هٿ هڪ دفعو ٻيهر  الطاف حسين سان گڏ ڀڄي ويل ڪجهه ڀڳوڙن يعني ايم ڪيو ايم لنڊن کي ۽ هتي رهجي ويل سندن نمڪ حلالن يعني ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ملائي ايم ڪيو ايم بهادر آباد جي نئين نالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر سمورن کي گڏ ڪري سياست جي نالي تي دهشتگردي پکيڙڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون سٽڻ جي ڇوٽ ڏني ويئي آهي. اهو سڀ ڪجھه وقتي طور ڪيو پيو وڃي فقط ان ڪري ته جيئن ايم ڪيو ايم جي مٿان لڳل دهشتگردي، غداري ۽ ملڪ دشمني جي ٺپي کي مٽائي سگهجي ۽ الطاف جي پوئلڳن جي ڪرتوتن تي وقتي طرح پردو رکي کين الطاف کان جدا ڪري وري هنن کي ايندڙ وقت تي هڪ دفعو ٻيهر استعمال ڪري سگهجي.

ايئن کڻي چئجي ته انهن سمورن سنڌ دشمن ايم ڪيو ايمي دهشتگردن جو اڄ به مالڪ ساڳيو ئي آهي پر فقط انهن جا نالا تبديل ڪري لنڊن ۽ پاڪستان جي سمورن دهشتگردن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن سڀني دهشتگردن ۽ قاتلن توڙي ملڪي غدارن کي ڪجھه وقت لاءِ نظرانداز ڪري پاسيرو رکيو ويو پر وقت گذرڻ سان گڏ انهن جا اصل چهرا هڪ دفعو وري سامهون اچي ويا آهن. ڪجھه ڏينهن اڳ ٽنڊي الهيار ۾ ڀولو خانزادو مارجي ويو هو، ڀولي جو ڪرمنل رڪارڊ سامهون اچڻ کان پوءِ  اهي دهشتگرد به ايم ڪيو ايم جا هيرا بڻيل آهن، اهو ڀولو ٽنڊي الهيار ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو ۽ سنڌين جو پڻ ويري سمجهيو ويندو هو، ان ساڳئي ڀولي هڪ سنڌي قوم پرست رهنما الطاف جسڪاڻي کي گوليون هڻي  قتل ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ اهو قتل قاتل ۽ مقتول جي پاڻ ۾ ذاتي تڪرار جو نتيجو هو پر پوءِ به ايم ڪيو ايم جو دادلو هڪ قاتل ڀولو سنڌ جي هڪ قوم پرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ کان پوءِ به ٺينگ ٽپا ڏيندو رهيو ۽ کيس ڪير به لغام وجهي نه سگهندو هو،

باوجود ان جي جو الطاف جسڪاڻي  قومپرست پارٽي ايس ٽي پي سان لاڳاپيل هو ليڪن ان جي باوجود به سندس پارٽي توڙي سنڌي ماڻهن يا ٽنڊي الهيار واسين ان کي قوميتن وارو لساني رنگ ڪونه ڏنو پر جڏهن ساڳيءَ ذاتي دشمني ۾ ڀولو خانزادو مارجي وڃي ٿو ته الطاف حسين جي باقيات جيڪي جدا جدا ٽولين جي شڪل ۾ نانگن وانگر ٻرن ۾ لڪل هئا سي هڪدم ذاتي پلاند ۾ قتل ڪيل ڀولي جي قتل کي لساني رنگ ڏيڻ لڳا ۽ اهڙي طرح هنن سنڌ ۾ هڪ دفعو وري لساني فساد ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. لسانيت جي اها نفرت پکيڙڻ ۾ ايم ڪيو ايم جي سڀني ڌڙن جي سڀني اڳواڻن ڪئي پر اها باھه ڀڙڪائڻ لاءِ  خالد مقبول صديقي، وسيم اختر ۽ آفاق احمد وڌيڪ ڦوڪون ڏنيون. آفاق احمد اهو ماڻهو آهي جيڪو الطاف حسين جي موجودگي ۾ به ان جو مخالف هو ليڪن ٽنڊي الهيار واقعي تي اهي سڀ ڏيڏرن وانگر هڪ هنڌ گڏ ٿي هڪ آواز ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ ڌرتي ڌڻين کي للڪاريندي نظر آيا.

خالد مقبول صديقي چيو ته  هاڻي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ چاهيندڙن کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي تلاشي وٺڻي پوندي ۽ اتي سنڌين جا ڊوميسائيل ۽ سرٽيفيڪيٽ چيڪ ڪيا ويندا، هن جو اهو بيان نه فقط سخت چڙ ڏياريندڙ هو پر اهو سنڌ سان غداري جي زمري ۾ به اچي ٿو، اهڙي بيان تي ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ڪنهن نه ڪنهن غيرتمند سنڌي يا قومپرست پارٽي پاران هن تي سنڌ سان غداري جو عدالت ۾  ڪيس به داخل ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته اهو بيان ڪنهن به ريت ڌرتي ڌڻين جي برداشت کان مٿي جو آهي.

مان خالد مقبول صديقي کان اهو ٿو پڇڻ گهران ته 1947ع  ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا جڏهن هندستان مان دربدر ٿي سنڌ ۾  پناهه لاءِ پهتا هئا ته ڇا اوهان کان سنڌين ان وقت ڊوميسائيل يا ڪو سرٽيفڪيٽ گهريو هو؟ ڇا اوهان کان زمين ۽ پراپرٽي جي ڪاغذن جي گهر ڪئي وئي هئي؟ نه، بلڪل نه!

ڇا ان وقت اوهان جي ابن ڏاڏن کان اهو پڇيو ويو هو ته هن ملڪ ۾ پناهه وٺندڙ مسلمان به آهن يا ڌرتي ۽ ڌن جي تلاش ۾ اهي خانه بدوش آهن جن جو ڪوبه ديس ۽ دين نه هوندو آهي. ڇا اوهان کي ڪنهن سنڌي چيو ته وڃو پنجاب، سرحد ڇو ته اهو به پاڪستان هو.   هينئر به مان اوهان کان پڇان ٿو ته هن وقت به جيڪي چند پناهگير ان وقت پنجاب يا موجوده ڪي پي ۾ آباد ٿيا انهن ڪڏهن پاڻ کي مهاجر چيو؟ نه، اهي اتي جا ٿي انهن ۾ ئي ضم ٿي ويا ۽ انهن اوهان جي نفرت انگيز حرڪتن جو ڪڏهن ساٿ به ڪونه ڏنو، خود جنرل ضياءَالحق هندستان مان هجرت ڪري آيل هو ليڪن بظاهر اهو پاڻ کي پنجاب جو ئي سڏائيندو هو، اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي مارشل لا دور ۾ هن اوهان جي کلئي عام مدد ڪئي ۽ اوهان خون خوار آدم خور ٿي ويا. اوهان کي سنڌ ۾ 73 سال ٿي ويا آهن پر اڃا تائين سنڌ ۾ مهاجر ئي آهيو ته پوءِ اوهان سان ورتاءَ به مهاجرن جهڙو ٿيڻ گهرجي.

ان ڪري تلاشي ته اوهان جي ٿيڻ گهرجي جن سنڌ ڌرتي تي انسانن جو رت وهايو، جن سنڌ ڌرتيءَ جي ورهاست جي سازش ڪئي. موٽر سائيڪل تي گهمڻ وارا ڪيئن ارب پتي ٿيا؟ يقينن اها چوري ۽ زوري اوهان سنڌ جي وسيلن جي ئي ڪئي آهي ان ڪري تلاشي ته اوهان جي ٿيڻ گهرجي. اوهان ئي ڪراچي جي صنعتڪارن کي ڀتي جون پرچيون ڏنيون ۽ ڀتا وصول ڪري ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ۽ عهديدارن آفريڪا، آمريڪا ڪئنيڊا، ملائشيا ۽ دبئي ۾ وڃي هوٽلون ۽ محل خريد ڪيا آهن. ڪالھه آيل پناهگيرن کي ڪير سمجهائي ته سنڌين جي تلاشي ته انگريز به نه وٺي سگهيا هئا. وسيم اختر چيو ته ٽول پلازه کان پوءِ سنڌين کي پنهنجيون ٽوپيون لاهي لڪائڻيون پونديون جنهن تي سڄي سنڌ جي عوام توڙي سمورين قوم پرست پارٽين پاران شديد رد عمل ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ ۾ نئين قومپرست پارٽي سنڌ سجاڳ پارٽي جي چيئرمين عبدالمجيد نظاماڻي جو ان حوالي سان ڏاڍو وزندار موقف نظر مان گذريو جنهن  وسيم اختر کي للڪاريندي چيو ته وسيم اختر جي ايم ڪيو ايم وٽ ترقي جي راز جي سڀني کي خبر آهي،

هو هڪ بزدل ماڻهو آهي جنهن پراين اشارن تي سنڌ جي ماڻهن جي دل آزاري ڪئي، جنهن سبب وسيم اختر جو ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ نڪرڻ مشڪل بڻجي ويندو. سنڌ سجاڳ پارٽي وسيم اختر کي سنڌي قوم کان معافي وٺڻ جي به صلاح ڏني ۽ سندس خلاف وڏي تحريڪ جو چتاءَ پڻ ڏنو جنهن کان پوءِ وسيم اختر سنڌي ٽوپي پائي ٻه ٽي ڀيرا وضاحتون ڪري عارضي طور تي معاملي کي جهڪو ڪيو آهي پر اهڙي عمل تي سنڌين جي ٿيل دل آزاري اڃا سوڌو ختم ناهي ٿي. ان معاملي تي ايم ڪيو ايم جو آفاق احمد وري سڀني پناهگيرن کي گڏجي هڪ ٿيڻ ۽ غير پناهگيرن سان ڪاروبار ۽ ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو. سوچڻ جي ڳالھه آهي ته هي سڀ ڪنهن جا دادلا ۽ دلال آهن جيڪي اهڙي نفرت انگيز ٻولي ڳالهائي بلدياتي اليڪشن کي ملتوي ڪرائي شڪست کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ايوب کهڙي مٿان ون يونٽ واري ملامت جو طوق ٽنگيل آهي پر 1948ع ۾ ان وقت سنڌ جي وزيراعليٰ ايوب کهڙي کي صرف انڪري هٽايو ويو جو کهڙو هجرت ڪري ايندڙن جي اهڙي ڦرلٽ ۽ سنڌين جي نوڪرين تي لڳل ڌاڙي ۽ منصوبن جي خلاف هو جنهن ڪري سندس حڪومت کي برطرف ڪرڻ لاءِ هن تي ٽائيپ رائٽر جي چوري جي الزام هڻي هٽايو ويو. جنهن کان پوءِ هجرت ڪندڙن ملڪ جي بيورڪريسي ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪري ورتو، بيوروڪريسي تي ڪيل قبضي جي اها روايت اڃا سوڌو برقرار آهي ۽ هن وقت به اسٽيبلشمينٽ ان ساڳئي نقش قدم تي هلي رهي آهي. انهن يارن کان اهو به برداشت ڪونه ٿيو  جو سنڌ ۾ ريلوي اسٽيشن جي بورڊن تان سنڌي ختم ڪري ان جي جاءِ تي اردو ۾ شهرن جا نالا لکيا ويا.

اهڙا حڪم جاري ڪندڙ پناهگير آفيسرن سنڌي ماڻهن لاءِ نوڪري جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا. جيڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم نه ٿئي ها ته اڄ شايد  سنڌ جو ڪوبه ماڻهو سيڪريٽري سطح جي پوسٽ تائين به پهچي نه سگهي ها ڇاڪاڻ ته ان سموري معاملي کي ڀٽي صاحب سمجهي ورتو هو ۽ اهڙي آفيسر شاهي جي هوندي ڪمال جي حڪمت عملي سان هجرت ڪري ايندڙ آفيسر شاهي جو ڪوٽا وارو فارمولو آبادي جي لحاظ کان نافذ ڪري سنڌي ماڻهن جا ڦٻايل حق جيڪي 23 سالن تائين کاڌا پئي ويا تن کي بحال ڪري اهڙو بنياد وڌو جو اڄ اهي ئي ڦورو ايم ڪيو ايم وارا هاڻ ڪوٽا جي خلاف صرف ان ڪري باهوڙين پيا جو اڄ سيڪريٽريٽ توڙي سموري صوبي ۾ اصل سنڌين جو تعداد ڏسڻ جهڙو ٿي ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم وارا هاڻ چون پيا ته سيڪريٽريٽ ۾ جهڙتي وٺي ۽ سڀني سنڌين جا ڊوميسائيل چيڪ ڪنداسين.

انهن جي دهشت گردي واري وقت جيڪي ماڻهو ڪراچي جي اهم ادارن ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا جنهن ۾ ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، واٽر بورڊ، سيسي، ورڪر ويلفيئر بورڊ، ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ بلدياتي ادارن ۾ اڄ به ڪوڙين ڊگرين وارا اهي ملازم وڏا آفيسر ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت کي انهن جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ گهرجي. سنڌي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي ڪندي پ پ جيئن حڪومت ۾ آئي ته پوءِ ئي سنڌين لاءِ ڪراچي جا دڳ به کليا ۽ اڄ ڪراچي سنڌين جي حفاظت ۾ آهي نه ته 1990ع تائين ڪراچي ۾ رڳو ڪو سنڌي ڊاڪٽر به ڪونه هو،  سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به ايڪڙ ٻيڪڙ ئي سنڌي ڊاڪٽر نظر ايندو هو. 80 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو ويندو هو، تڏهن به سنڌ جي آفيسن ۾ سنڌي آفيسر نه جي برابر هو جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ايتري دهشت هوندي هئي جو سمورو ڪراچي هڪ طرح سان مڪمل طور يرغمال رهيو،

ان وقت به ڪراچي ۾ سنڌي وڏي تعداد ۾ آباد هو ليڪن پرامن هو ۽ هنن جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور تيار نه هو. ڪراچي ۾ لاقانونيت واري دور ۾ ناظم آباد ۾ ڪجهه سنڌين جا پراڻا ڳوٺ جيڪي اڄ به موجود آهن انهن ۾ سنڌين جي 60 سيڪڙو آبادي هئي جيڪا هنن کان برداشت نه پئي ٿيا پر سنڌين مزاحمت ڪري پنهنجا ڳوٺ بچايا. سنڌين  1971ع کان پوءِ شهيد ڀٽي جي دور حڪومت ۾ ڪراچي ۾ نوڪريون حاصل ڪيون ۽ فيڪٽرين ۾ پڻ مزدوريون ڪرڻ شروع ڪيون اهڙي ريت سنڌي ماڻهو مسلسل ڪراچي ايندو رهيو ۽ آباد ٿيندو رهيو جيڪا ڳالهه به هنن کي پسند ڪونه آئي ۽ 1988ع کان ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل عام ڪيو ويو پر هاڻ هي چون ٿا ته سنڌ سيڪريٽريٽ جي تلاشي ورتي ويندي. اصل ۾ تلاشي ته هنن جي ڪوڙين ڊگرين جي ٿيڻ گهرجي جن ڪوڙين ڊگرين عيوض آفيسرشپس هٿ ڪيون. پر هتي ته سڀ ڪم الٽو آهي. اها ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي ته ٽانڊي لاءِ هتي آيل بعد ۾  بورچي ٿي ويهي رهيا جيڪي اڃا سوڌو پاڻ کي مهاجر سڏائي رهيا آهن سي هاڻ ڌرتيءَ ڌڻين جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل چيڪ ڪندا!