نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ فروا ڪالوني واسڻ رزمان سهتو پنهنجي ڀيڻ عظمه سهتو سان گڏ مڙس جي مبينا تشدد ۽ گهر مان نيڪالي ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو، هن دانهيندي چيو ته سندس شادي 4 مهينا اڳ گل مري سان ٿي هئي، هڪ مهينو مون کي مڙس رکڻ بعد گهر مان تشدد ڪري ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته مڙس خلاف انصاف لاءِ عدالت جو دروازو پڻ کڙڪايو، جنهن تي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي پر بي سيڪشن پوليس انصاف ڪرڻ بدران مڙس گل مري کان پيسا وٺي منهنجي امڙ، والد، ڀاءُ ۽ مونتي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون، هن چيو ته منهنجو مڙس پيسي وارو آهي ۽ هن جا ڏوهاري قسم جي ماڻهن سان تعلقات آهن، جنهن ڪري اسان جي جان کي خطرو آهي، هن مطالبو ڪيو ته مڙس خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.