حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ واسا جا 3 هزار ملازم 7 مهينن جي پگهارن ۽ پينشن کان محروم آهن. ايڇ ڊي اي ورڪرز سي بي اي يونين جي سڏ تي ملازمن تلسي داس پمپنگ اسٽيشن کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 19 مارچ تائين کين پگهارون ۽ پينشن نه ملي ته هو 20 مارچ تي شهر کي پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ سان گڏ سيوريج جو سسٽم به مفلوج بڻائي ڇڏيندا. ڌرڻي دوران ڳالهائيندي سي بي اي اڳواڻ عبدالقيوم ڀٽي ٻڌايو ته 7 مهينن کان 600 ريگيولر ملازمن کي پگهارون ۽ 800 پينشرز کي پينشن فراهم ناهي ٿي جڏهن ته 1600 ورڪ چارج ملازم به 10 مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهن. هن چيو ته ڪافي عرصي کان ڪانٽريڪٽي ملازم مستقل نه ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج آهن پر سندن مسئلو حل ڪرڻ بدران پگهارون به بند ڪيون ويون آهن. پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ سبب پورهيت ٻه ويلا ماني ڳڀي ۽ گهر جو راشن وٺڻ لاءِ پريشان آهن. جيڪڏهن کين رمضان شريف کان پهرين پگهارون فراهم نه ٿيون ته هو تلسي داس پمپنگ اسٽيشن سميت شهر جون سموريون پمپنگ اسٽيشنون بند ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪندا.