خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان چنا ڳوٺ جي رهواسي نوجوان طرفان پاڻ تي پستول جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل. خبر موجب خيرپور ڀرسان چنا ڳوٺ جي رهواسي نوجوان آصف علي شيخ گهر واري سان ناراض ٿي پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي. واقعي بعد نوجوان کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر سندس حياتي بچائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هئا.