حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 10 جي بسم الله سٽي ۾ غيرقانوني حددخليون ڊاهڻ دوران اڻڄاتل ماڻهن اينٽي انڪروچمينٽ تي فائرنگ ڪئي. واقعي ۾ عملي جا 2 اهلڪار جاويد حنيف ۽ بدر علي زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل علائقي ۾ قبرستان ٻاهران ٽيم ڪارروائي پئي ڪئي ته ان دوران مٿن حملو ڪيو ويو جنهن دوران ٻه ڄڻا زخمي ٿيا. پوليس موجب واقعي جو ڪيس اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي فرياد تي داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن ملازمن جي زخمي ٿيڻ واري اطلاع تي ايڇ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر محمد فاروق خان ۽ ميونسپل ڪمشنر فاخر شاڪر اسپتال پهتا جتي انهن زخمين جي عيادت ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرن کي پابند بڻايو ته هو ٻنهي زخمين جو بهتر نموني علاج ڪن. عملدارن موجب حملي آور بزدل آهن. سندن اهڙين حرڪتن سان خوفزده نه آهيون. سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو ويندو.