ميرپورٻرڙو(ن پ ا) ميرپورٻرڙو لڳ استادن کان ڦرلٽ، تشدد، بدامني خلاف ڌرڻو،  ان ڏس ۾ چانڊاڻ اسٽاپ ويجهو  ٺل جيڪب آباد روڊ تي نامعلوم هٿياربند پاران استاد ربنواز نوناريءَ کان موٽرسائيڪل،موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، مزاحمت تي هٿياربند استاد مٿان تشدد ڪندي فرار ٿي ويا،ٻي طرف بدامني خلاف  نوناري برادري جي ماڻهن پاران ٺل _جيڪب آباد روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ربنواز نوناري،بشير احمد نوناري،محمد فاروق نوناري،شعيب احمد نوناري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پوليس  جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، امن قائم ڪرايو وڃي.