نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ صادق آباد ڪالوني جي رھواسڻ پيرسن بيواهه عورت مسمات نزاڪت بي بي ڌيءُ ۽ ڏُھٽي ساڻ ڪري پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانھيندي مسمات نزاڪت بي بي چيو ته 30 سال اڳ مونکي سيد نور بادشاهه رھائش جي لاءِ پلاٽ ڏنو ھو جيڪو مرحوم انور ڪيريو جو ھو بعد ۾ مونکي مرحوم انور ڪيريو گھر ٺھرائڻ جي اجازت ڏني ۽ پلاٽ جا ڪاغذ به مونکي ڏنا ويا، جڏھن ته ھن وقت انور ڪيريو جي ڀائٽي رضيه بي بي مون وٽان پلاٽ جا ڪاغذ کڻي وئي آھي ۽ پلاٽ ستار ڪيريو کي کپائي ڇڏيو آھي جيڪو مونسان ظلم آھي، ھن مطالبو ڪيو ته منھنجي پلاٽ تي قبضو ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.