خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ساليانه امتحان 2020 لاءِ بي اي، بي ايس سي، بي ڪام سال پهريون، ٻيون ۽ ايم اي پريويس ۽ فائنل جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 24 جون 2021 تائين واڌ ڪئي وئي آهي. امتحاني فارم، حبيب بينڪ جو آن لائن چالان ۽ امتحاني فيس جو شيڊول سکر ۽ لاڙڪاڻه ريجن جو سمورين ڊگري ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ www.salu.edu.pk تي موجود آهن. اميدوارن کي هدايت ٿي ڪجي ته مقرر ڪيل تاريخ ۾ پنهنجا امتحاني فارم جمع ڪرائن.