نوابشاهه (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي رھواسڻ عروسه ڏاھري تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ ماڃوٺو جي رھواسي نوجوان نديم خان ماڃوٺو سان شريعتي محمدي موجب نوابشاهه جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي عروسه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مان پنھنجي مرضي سان نديم خان سان شادي ڪئي آھي جنھن تان منھنجا گھر ڀاتي منھنجا چاچا محمد خان ڏاھري، عثمان ڏاھري ۽ محمد حسين ڏاھري مونکي ۽ منھنجي مڙس کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته تحفظ ڏنو وڃي.