هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا ٿاڻي جي حد سيٺارجا لنڪ روڊ تي شاھ اويس وٽ هٿياربندن گڏھ گاڏو هلائيندڙ پورهيت وسيم ولد نصير احمد سهتو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي کي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو آهي. زخمي جي فرياد تي هنڱورجا پوليس نثار احمد، راجا خان سميت چار ڄڻن جي خلاف رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي، پورهيت وسيم احمد ميڊيا کي ٻڌايو ته گڏھ گاڏو هلائي گھر جو چرخو هلائيندو آهيان سيٺارجا مان واپس هنڱورجا پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هيس ته شاھ اويس وٽ هٿياربندن منهنجي مٿان حملو ڪيو جن مان ٻن ڄڻن کي سڃاتو آهي.