ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاٻاسرو جي جھنگ ۾ شڪار ڪري ماريل 2 ھرڻن جو ڪيس ڳوٺ پاسول جي 3 ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ سومجي ڪولھي، سندس پٽ روپو ڪولھي ۽ ڪرمڻ ڪولھي جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان ڊپٽي ڪنزرويٽر اعجاز ٽالپر چيو ته جوابدار لوڪل ماڻھو آھن، ڪوبه ٻاھر جو ماڻھو ملوث ناھي، جاچ بعد جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو آهي.