خيرپور (رپورٽر) خيرپور مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نينگرن جو پتو نه پيو، وارث پريشان، پوليس کي ڳولا ۾ مدد جي اپيل. خبر موجب خيرپور مان پراسرار طور لاپتا ٿي ويل، ڳوٺ مريءَ جي رهواسي 8 سالن جي نينگر دلاور عرف بابو ڦلپوٽي جو 2 هفتا گذرڻ، جڏهن ته انڙ ڪالونيءَ جي رهواسي 15 سالن جي نجيب الله پٽ نعمت الله الرو جو 5 ڏينهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري سندن وارث سخت پريشان آهن. وارثن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي آهي ته نينگرن جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.