نتيجن ۾ دير: پنجاب يونيورسٽي سنڌ جي شاگرن جون داخلائون رد ڪري ڇڏيون

0
242
شاگرن جون داخلائون رد ڪري ڇڏيون
نتيجن ۾ دير: پنجاب يونيورسٽي سنڌ جي شاگرن جون داخلائون رد ڪري ڇڏيون

لاهور: سنڌ جي انٽرميڊيئيٽ جي حتمي نتيجن ۾ دير سبب پنجاب يونيورسٽي انتظاميه سنڌ جي شاگردن جون داخلائون رد ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي تعليمي بورڊن جي نااهلي سبب نتيجن ۾ دير ٿيڻ تي پنجاب يونيورسٽي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سنڌ جي شاگردن جون داخلائون رد ڪري ڇڏيون آهن. انتظاميه پاران چيو ويو آهي ته نتيجا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 8 نومبر هئي، جنهن تي نتيجا جمع نه ڪرايا ويا، ان هوندي به جن شاگردن کي داخلائون ڏنيون به ويون آهن، تن جون داخلائون رد ڪيون وڃن.