ايندڙ 3 مهينا اهم، ڪوبه وزير ملڪ کان ٻاهر نه وڃي: وزيراعظم

0
330
ڀاڄيون وڪڻڻ سان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وزيرن کي ملڪ ڇڏڻ کان روڪي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.  ذريعن موجب وزيراعظم حڪم ڏنو ته ڪو به وزير ملڪ نه ڇڏي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم وزيرن کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيندي چيو ته حڪومت مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. وزيراعظم وزيرن کي ٻڌايو ته ايندڙ 3 کان 4 مهينا معاشي مامرن لاءِ انتهائي اهم آهن، ذريعن موجب وزيراعظم وزيرن کي پنهنجين وزارتن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي.