خانصاحب ايترو ظلم ڪر، جيترو پاڻ برداشت ڪري سگهين: بلاول ڀٽو 

0
349
خانصاحب ايترو ظلم ڪر
خانصاحب ايترو ظلم ڪر، جيترو پاڻ برداشت ڪري سگهين: بلاول ڀٽو 

پشاور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته خانصاحب توکان پهرين به اِن ڪرسي تي هڪ شخص ويهي پاڻ کي خدا سمجهندو هو، تون به ايترو ظلم ڪر، جيترو پاڻ برداشت ڪري سگهين. پشاور ۾ پ پ  جي يوم تاسيس جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته شهيد ڀٽو جِي ڌيءُ کي چور سڏيندڙ پاڻ سرٽيفائيڊ چور ٿي ويا آهن، اهي عدليه کي فون ڪري ڌمڪيون ڏياريندا هئا ۽ شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي سزا ڏيڻ لاءِ عدليه تي دٻاءُ وجهندا هئا، هاڻي اُنهن خلاف به آڊيو ٽيپس اچي ويون، اُميد ته عدليه اهڙا فيصلا ڏيندي جو اها روايت همشيه لاءِ ختم ٿي وڃي، بلاول پاران 10 ڊسمبر تي پيٽرول جَي اگهن ۾ واڌ ۽ 17 ڊسمبر تي گئس بحران خلاف احتجاجن جو اعلان ڪندي چيو ويو ته حڪمرانن کي دهشتگردن سان لڪِي ڳالهين ۽ شهيدن جَي خون سان سوديبازي ڪرڻ جِي اجازت نه ڏينداسين، آر ٽي ايس جيان اِي وي ايم ذريعي ٿيندڙ چونڊن کي رد ڪريون ٿا

ھي وڊيو بھ ڏسندا