اومي ڪرون ضرور ايندو، کيس به شڪست ڏينداسين: فواد چوڌري

0
214
اومي ڪرون ضرور ايندو
اومي ڪرون ضرور ايندو، کيس به شڪست ڏينداسين: فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورونا جو نئون قسم اومي ڪرون 10 ڀيرا وڌيڪ تيز رفتاري سان پکڙجي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته اسد عمر ۽ فيصل سلطان اڄ ڪورونا جي نئين قسم تي بريفنگ ڏني آهي  ۽ چيو تھ اومي ڪرون تيزي سان پکڙجي رھيو آھي اڄ ڪابينا صوبائي حڪومتن ۽ عوام کي چيو تھ جلدي ويڪسين لڳرائي وٺن

ڪورونا رليف پيڪيج جي آڊٽ رپورٽ تي فواد چوڌري چيو ته ناڻي واري وزارت پهرين ڏينهن ئي چيو هو ته آڊٽ پيراگراف درست ناهي، ثانيه نشتر آڊٽ اعتراضن تي تفصيلي بريفنگ ڏني هئي.

فواد چوڌري چيو ته احساس پروگرام ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پئسا ڏنا ويا پر استعمال نه ٿيا، ڪورونا فنڊ جي ذميواري ٽنھي ايجنسين کي چيو تھ انھيءَ تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائين

ھي بھ پڙھندا

پاڪستان ۾ هن وقت تائين اومي ڪرون جو ڪو به ڪيس ناهي: ڊاڪٽر فيصل

وفاق پاران اومي ڪرون کي روڪڻ کان لاچاري ظاهر : ڪاروبار بند نه ڪنداسين: عذرا پيچوهو