اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ناري ناياب عمراڻي جي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جي قتل ڪيس ۾ جمع ڪرايل جواب جو جائزو وٺڻ لاءِ بلوچستان جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ناياب عمراڻي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ ناياب عمراڻي پاران پيش ڪيل جواب تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان ان جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن جي ذاتي مسئلي تي پاڻمرادو نوٽيس نه ٿو وٺي سگهي، هن ڪيس کي جلد ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، شهرين جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، جيڪا رياست کي پوري ڪرڻ گهرجي.