ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرواهه گورچاڻي ۾ ٽي ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان گورچاڻي ۽ جٽ برداري جي جهيڙي دوران قتل ٿي ويل ممتاز گورچاڻي واري قتل ڪيس ۾ مک جوابدار راشد جٽ کي سي آءِ اي ميرپورخاص پوليس گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته اڃا تائين وڌيڪ 2 جوابدار سندس ڀائر رفاقت ۽ خالد گرفتار ٿي ناھن سگھيا. پوليس ٻنهي روپوش جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آھي. ھوڏانھن روپوش ٻنهي جوابدارن جي ڪجهه عزيزن کي عيوضي ۾ حراست ۾ رکيو ويو آھي، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آھي. ھوڏانھن جھيڙي دوران وڌيڪ زخمي ٿيل اعجاز علي ۽ محمد رفيق گورچاڻي جي طبيعت بھتر آھي جن کي اسپتال مان گھر روانو ڪيو ويو آھي.