ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت جي ماتحت سرڪاري ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِ جڙيل 18 ملازم تنظيمن جي اتحاد آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائينس جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. حيدرآباد ۾ اڪرم راجپوت، انتظار ڇلگري، عبدالقيوم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. مٽياري ۾ محمد آچر خاصخيلي، نانا عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. دادو ۾ منظور پنهور ، ضمير علي ڳورڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڄامشوري ۾ غلام شبير ملاح، ڪرم علي برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڪوٽڙي ۾ الله بخش سولنگي، منظور پنھور، عمران کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ملير ۾ سنڌ گورنمنٽ ايمپلائز گرينڊ الائنس جي مرڪزي سڏ تي شفقت حاجاڻو، نبي بخش شر، گل محمد خاصخيلي، عبدالجبار ککراڻي ۽ نورمحمد بادل جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺٽو ۾پبلڪ پارڪ کان پريس ڪلب مڪلي تائين علاوالدين بروھي، ولي محمد جاکرو، سيد ارشاد شاھ، علي محمد سومرو، حاجي اشرف خشڪ، قربان جوڻيجو، علي خاصخيلي، خير محمد ڪوي، توفيق ميمڻ، معشوق پنهور، عنايت شاھ، سجاد علي ميمڻ، خليل احمد ھيلايو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. عمرڪوٽ ۾ سنڌ ايمپلائيز گرينڊ الائونس جي سڏ تي سرڪاري ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،ميرپورخاص ۾ سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. سکر ۾ سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس علي مردان شيخ، عبدالمجيد جسڪاڻي، شھزاد علي عباسي، محمد پناھ مهر، سردار پيرزاد، علي احمد گهمرو، محمد علي شيخ، اعجاز احمد جاڳيراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ۾ سوين سرڪاري ملازمن بخش علي چاچڙ، ميان عبدالرحيم ڀارو، محمد لقمان ٻگهيو، قلب حسين ابڙو، حافظ مشتاق احمد ڪوريجو، محمد اسماعيل جسڪاڻي، عبدالهادي مرکياڻي، محمد ڪامل سرگاڻي، شمس الدين کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.قمبر ۾ جواد سومرو، نظير حسين چانڊيو، ڪليم شاهه، اسحاق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.خيرپور ۾ نبي بخش مڪول، فيروز ڦلپوٽو، ميڊم فردوس ڦلپوٽو، اصغر مڪول، نثار سومرو، امجد لاشاري، الهبچايو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. نوشهروفيروز ۾ سرڪاري کاتن جي ملازمن يونين جي اتحاد سنڌ گرينڊ ايمپلائيز الائنس پاران پگھارون نه وڌائڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مٺي ۾ سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائينس ضلع ٿرپارڪر پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ارباب ذوالفقار، ارباب غضنفر علي، بادل دل، نويد سوڍو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن هاءِ اسڪول مٺيءَ کان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف چوڪن تان گشت بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو. بدين ۾ سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس جي سڏ تي بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين صديق سومرو، ڪاشف قادر ميمڻ، علي نواز سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت پاران ملازمن جي ٽائيم اسڪيل، اپگريڊيشن، فوتي ڪوٽا، رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس، ڪچن ملازمن کي مستقل ڪرڻ سميت بنيادي ۽ جائز مطالبا جيڪي چارٽر آف ڊمانڊ جي صورت ۾ سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا آھن، جن جي حل جي لاءِ سنڌ حڪومت طرفان لکت ۾ خاطري ڪرائڻ باوجود ھن وقت تائين ڪو به عملي قدم ناھي کنيو ويو.