نيويارڪ(دلچسپ نيوز) آمريڪي خلائي دار ناسا پهريون ڀيرو تصديق ڪئي آهي ته چنڊ جي سج جي روشني ۾ رهندڙ حصي اندر پاڻي موجود آهي ۽ سرد ۽ سائي وارن علائقن تائين محدود ناهي.ناسا طرفان جاري بيان موجب اداري جي Stratopheric آبرزرويٽري فار انفراريڊ آسٽرونومي (صوفيه) دريافت ڪيو.ان آبزرويٽري پاڻي جي ماليڪيولز (ايڇ 2 او) کي زمين ڏانهن مُهڙَ واري پاسي چنڊ جي چهري (ڪلاويوس ڪارٽر) ۾ دريافت ڪيو جيڪو چنڊ جي ڏکڻ قطب ۾ موجود آهي.ان کان اڳ چنڊ تي هائيڊروجن جي ڪجهه قسمن کي هٿ ڪيو ويو هو پر پاڻي ۽ ان جي ويجهي ساٿين هائيڊرو آڪسل (او ايڇ) ۾ فرق نه پئي چئي سگهجو.ان مقام جي ڊيٽا مان انڪشاف ٿو ٿئي ته في ملين 100 کان 410 حصن ۾ پاڻي موجود آهي جيڪو سڄي چنڊ جي سطح ۾ ڦهليل آهي.