پنسلوانيا(دلچسپ نيوز) آمريڪي سائنسدانن هڪ اهڙو جهنگلي پکي ڳولهي ورتو آهي جيڪو هڪ پاسي ” اڌ نَرُ“ ۽ ٻئي پاسي ” اڌ مادي“ آهي، في الحال اِهو هڪ معاملو آهي ته ائين ڇو ٿيو پر امڪاني طور تي ان جو سبب جينياتي (جينيٽڪ) ٿي سگهي ٿو.واضح رهي ته نر ۽ مادي وارا عضوا گڏ رکندڙ جانورن کي ”هرمافروڊائيٽ“ چيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ اُهو جانور جيڪو هڪ پاسي اڌ نر ۽ ٻئي پاسي اڌ مادي هوندو آهي، ان لاءِ ”گائنينڊرو مورف“ جي اصطلاح استعمال ٿيندي آهي. يعني هي نه ته مڪمل نر هوندو آهي نه ئي مڪمل مادي.آمريڪي رياست پنسلوانيا ۾ جنگلي جانورن ۽ پکين جي محفوظ قدرتي پناهه گاهه جو درجو رکندڙ هڪ علائقي ” پائوڊر مل نيچر ريزرو“ ۾ پکين جي ٽيگنگ ڪندڙ ٽيم جي هڪ ميمبر ايني لنڊسي ۽ سندس ساٿين اِهو عجيب ۽ غريب پکي 24 سيپٽمبر جي ڏينهن ڏٺو.ان کي ” روز بريسڊ گراسبيڪ“ چيو ويندو آهي ته جنهن ۾ نر جي ڇاتي تي، چنهڀ جي بلڪل هيٺان، تيز گلابي رنگ جو هڪ وڏو ۽ واضح داڳ هوندو آهي جڏهن ته انهن پکين جو اندورني حصو به گلابي رنگ جو هوندو آهي.روز بريسٽڊ گراسبيڪ جي مادي ان کان مخلتف هوندي آهي،