بئنڪاڪ (دلچسپ نيوز) سائنسدانن اهڙا جوراب تيار ڪري ورتا آهن، جيڪي پائڻ سان پيرن مان بدبوءِ ختم ٿي ويندي.ٿائلينڊ جي مهيڊول يونيورسٽي جي سريراج اسپتال جي محققن جو چوڻ آهي ته هڪ تحقيق مان ثابت ٿي ويو آهي ته زنڪ آڪسائڊ جي نينو پارٽيڪلز (زيڊ نو-اين پيز) سان پيرن ۾ پگهر سبب پيدا ٿيندڙ بيڪٽيريا ۽ بدبوءِ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.ان بنياد تي محققن رائل ٿائي ايئر فورس جي مدد سان زنونيپ ڪوٽيڊ جوراب تيار ڪيا آهن.رائل ٿائي ايئر فورس سان واسطو رکندڙ تحقيقي مطالعي جي مرڪزي مصنف پنياوي اونگسري موجب زنونيپ ڪوٽيڊ جورابا پيرن جي ڌپ ختم ڪرڻ ۽ پيٽڊ ڪيراٽوليسس (هڪ قسم جي بيڪٽيريا انفيڪشن) کي روڪڻ ۾ ڪامياب ثابت ٿيا آهن.محققن دعويٰ ڪئي آهي ته ZnO-NPs جي اينٽي بيڪٽيريل، محفوظ ۽ انساني جلد سان مطابطت هجڻ سبب انهن جورابن کي موٽ ملندي ۽ اها جورابا پيرن جي بيمارين کي روڪڻ لاءِ استعمال سان گڏوگڏ ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ به استعمال ٿي سگهندا.