ميروخان/نصيرآباد (نمائندن وٽان) نئوديرو بلاول ھائوس ۾ پپيلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو،   اجلاس ۾ پ پ پ تعلقا نصيرآباد جي صدر انجنيئرخان محمد ڦلپوٽو، فريال ٽالپر آڏو ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر خلاف شڪايت ڪندي چيو ته  برسات سبب ٽائون ملازمن جا گھر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، ان باوجود ڪامورا سندن  پگھارون ڪٽي کين صرف 9 ھزار ڏئي سندن جا 20_ 20 ھزار ڳڙڪائي وڃن ٿا، جنھن بعد  فريال ٽالپر  اجلاس ۾ موجود ٽائون آفيسر نصيرآباد کان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته ھن وقت جڏھن سموري سنڌ تباھ آھي، انھن ٽائون ملازمن جو به سڀ ڪجھه ختم ٿي ويو  آھي، جيڪي پاڻ ويچارا پنھنجا اجڙيل گھر ڇڏي لڏپلاڻ ڪري روڊن تي پناھ وٺي ويٺا آھن، اوھين ھن مشڪل صورتحال ۾ به انھن جون پگھارون ڇو پيا، اهڙو عمل بند ڪيو وڃي، ٻي طرف   فريال ٽالپر قمبرشهدادڪوٽ ۾ برساتي ٻوڏ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي آفيسرن ۽ پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته برساتي ٻوڏ سبب عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تنهن ڪري ضلعي اندر امدادي سرگرمين کي تيز ۽ وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري صاف ۽ شفاف طريقي سان هر ٻوڏ متاثر خاندان تائين امدادي سامان پهچايو وڃي.