ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني طرفان مسوواھ جا ڪپر کوٽي ٻيھر زبردستي پائيپ لائين گذارڻ جي ڪوشش، احتجاج ۽ مزاحمت ڪندڙ ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون. گذريل ڏينهن مسو واهه جا ڪپر کوٽائي ٻيهر زبردستي پائيپ لائين وڇائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. فوجي فرٽيلائيز ڪمپنيءَ جي اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن نواب جلباڻي، شھاب جلباڻي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته فوجي فرٽيلائيزر ڀاڻ فيڪٽري انتظاميا آبپاشي عملدارن ملي ڀڳت ۽ پوليس جي مدد سان مسوواھ جي ڪپر کي ھيوي مشينري ذريعي کوٽائي غير قانوني طور پائيپ لائين گذارڻ چاھي ٿي، ان مقصد تحت مسو واھ کي ڪيترائي ڪٽ ڏنا ويا آھن. ھيوي مشينري ذريعي کوٽائي ڪري واهه جي ڪپر تي وڏي سائيز جا پائيپ  وڇايا پيا وڃن، ان سان واھ کي گھارا لڳڻ جو خدشو آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪمپني انتظاميا درجنين ڳوٺن ۽ فصل ٻوڙائڻ چاھي ٿي. ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمپني ٻيلو ميرپور پوليس ۽ درجنين هٿياربندن کي ساڻ ڪري زبرستي مسو واهه جي ڪپرن تان غيرقانوني پائيپ وڇائڻ وارو عمل ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مسو واهه جي ڪپرن کي نقصان پهچائڻ وارو عمل فوري طور بند ڪرايو وڃي.